سنڌي ڊرامو

سنڌي ڊرامو :
ڊرامو دنيا جي آڳاٽي ادبي صنف سمجهي وڃي ٿي، جنهن جي شروعات عام طرح چيو وڃي ٿو ته قديم يونان مان ٿي. ڊرامي يا ناٽڪ جو ابتدائي روپ مختلف هو ۽ يونان جا ماڻهو ڊرامي کي اعليٰ نظم (Great Poetry) سڏيندا هئا ۽ اهو سندن لاءِ مذهبي، اخلاقي توڙي تفريحي اهميت رکندو هو. قديم يونان جا ڳوٺاڻا شام جو ڪم ڪار مان فارغ ٿي ٿڪ ڀڃڻ ۽ تفريح لاءِ گيت ٻڌائي، جسماني چرپر سان ڊرامو پيش ڪري هڪٻئي کي وندرائيندا هئا. تاريخ مان ڄاڻ پوي ٿي ته ڊرامي انهن مذهبي ادارن مان جنم ورتو، جيڪي ‘اصنام پرستيءَ’ ڏانهن مائل هئا.
ائين پوءِ هندستان ۾ پڻ ناٽڪ ڌرمي ۽ تفريحي اهميت جو حامل ٿيو. اڳتي هلي گهڻو پوءِ انگريزي ڊرامو ڪجهه جدت سان پيش ٿيڻ لڳو.
جديد انگريزي ڊرامي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جديد ڪلاسيڪي ڊرامن جو بُنياد وري پهريان پهريان فرانسيسي ڊرامانگارن سترهيـن ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ رکيو ۽ اطالوي شاعر الفريري (Alfieri) جا ڊراما به ڪافي مشهور ٿيا، جڏهن ته رومانوي ڊرامن جو بُنياد ايلزبيٿ ۽ اسٽورٽ جي زماني ۾ پيو، اُنهي دور سان عظيم ڊرامانگار شيڪسپيئر به تعلق رکي ٿو. اُن کانسواءِ جرمنيءَ ۾ گوئٽي، شِلر ۽ ليسننگ ڊرامي نگاريءَ ۾ ڪافي ترقي ڏياري. فرانس ۾ وڪٽر هيوگو ۽ ڊيومس پڻ ڊرامي نگاريءَ جي ميدان ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪئي. جديد ڪلاسيڪي ۽ رومانوي ڊرامن ۾ وري ڪافي اختلاف آهن، ڇو ته ڪلاسيڪي ڊرامن جي برخلاف رومانوي ڊرامن ۾ عوامي ماحول ڏيکاريو ويندو آهي. ڊرامن پيش ڪرڻ جا مکيه ذريعا اسٽيج، ٿئيٽر، اسٽريٽ ٿئيٽر رهيا آهن، جڏهن ته ويجهي ماضيءَ ۾ ريڊيائي ناٽڪ ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامو ماڻهن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث رهيو آهي.
قديم سنڌو تهذيب جي ماڳ موهن جي دڙي مان مليل مورتي (Dancing Girl) اهو ظاهر ڪري ٿي ته سنڌ ۾ ناچ ۽ موسيقي يعني پرفارمنگ آرٽ قديم دور کان موجود آهي. جيڪڏهن قديم سنڌ جي تاريخ ڏسجي ته سنڌ سميت پوري هندستان ۾ سنسڪرت زبان جو اثر رهيو ۽ سنسڪرت ۾ ڊرامي جي تاريخ به نهايت قديم آهي. ڊرامي ۽ موسيقيءَ جو سنگم رهيو. اهو آڳاٽو دور ڌرمي قصن، ڏندڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جو هو ۽ ڊراما پڻ ڌارمڪ انداز سان پيش ٿيندا هئا. رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي هڪ تحقيق موجب ناٽڪ پهريون ڀيرو ‘ٻُڌ’ جي دور ۾ تصنيف ٿيو. ان دور جي شاعر اسواگهوشا جا ناٽڪ ٻي عيسوي صديءَ ۾ شايع ٿيا. ٽين صدي عيسويءَ ڌاري ڀرت جو نٽيه شاستر منظر تي آيو. اياز عالم ابڙي جي هڪ ليک موجب قديم سنڌوءَ جي ڪپر تي پنجين ويد ‘نٽ ويد’ جي رچنا ٿي. اهو نٽ ويد ئي ناٽڪ بڻيو، جيڪو يگن کان هلندو ٿو اچي. سنڌ ۾ ناٽڪن جا مختلف قسم: سانگ، ڀڳت، رام ليلا ۽ ڪرشن ليلا مناظرا ۽ ڪي ٻيا رائج رهيا آهن.
شيڪسپيئر ناٽڪ کي ‘زندگيءَ جي آرسي’ سڏيو آهي. ان کان گهڻو اڳ ڪاليداس، ‘مالوڪا اگني متر’ ناٽڪ کي ‘لوڪ چرتر درشن’ (انساني زندگيءَ جي عڪاسي) سمجهيو. انساني زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ناتڪ جا منڍ کان وٺي ڪي مول متا يا ڪي اٽوٽ عنصر جوڙيا ويا هئا. اهي مول متا ڀرت مُنيءَ جي نٽ شاستر تي آڌارت آهن، جنهن کي ‘پنجون ناٽيه ويد’ چوندا آهن. اهي مول متا پنج آهن:
(1) پلاٽ (مواد ڪٿا سار: رگ ويد مان ورتل)
(2) سنگيت (سام ويد مان ورتل)
(3) عمل (Action: يجر ويد مان ورتل)
(4) رَسُ يا حِظ (اٿر ويد مان ورتل)
(5) ناچ يا نرت (شِو نٽراج کان ورتل)
اهي پنج تت (متا) سنسڪرت ناٽڪ جا مکيه انگ رهيا.
اهڙيءَ طرح سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس ڪجي ٿو ته، شاهه جي رسالي جي ستن ڪهاڻين ۾ ناٽڪ جا عنصر ملن ٿا، ان کان سواءِ ‘سُر گهاتو’ ۽ ‘سُر سامونڊي’ ۾ به ڪهاڻي/ پلاٽ موجود آهن. شاهه لطيف پلاٽ، لوڪ داستانن/ عشقيه قصن مان کنيو آهي. جهڙيءَ ريت ڪاليداس، مهاڀارت جي هڪ ننڍڙي قصي کي پنهنجي تخيل ۽ طرز بيان سان ‘شڪنتلا’ جهڙو شاهڪار ناٽڪ جوڙيو، تيئن شاهه به عوام ۾ موجود رواجي قصن ۽ ڪهاڻين کي وسعت ۽ گهرائي بخشي امر بڻايو. ناٽيه شاستر موجب ناٽڪ تخليق ڪرڻ جو ٻيو عنصر سنگيت به شاهه جي رسالي ۾ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. ناٽڪ جو ٽيون عنصر عمل (action) به شاهه جي هر ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي.
ڪهاڻين کان سواءِ اُهو سُر سامونڊي، سُر گهاتو ۽ سُر ڪيڏاري ۾ به ڀرپور انداز ۾ موجود آهي. شاهه جي ڪهاڻين ۽ هنن ٽن سُرن ۾ عمل (action) ناٽڪي طرز بيان ۾ اظهاريل آهي. شاهه جي ڪهاڻي ڇوليون ڏيندڙ ساگر آهي. ناٽڪ جو چوٿون ۽ اهم عنصر ‘رس’ به شاهه جي شعر لاءِ سُر مومل راڻو مثالي آهي. ان کان سواءِ سر سسئي ۽ سُر مارئيءَ ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح ناچ يا نرتيه جو انگ به سڌي نه ته اڻسڌيءَ ريت شاهه جي شعر ۾ موجود آهي.
سنڌ ۾ ڊرامي يا ناٽڪ جي شروعات نهايت پراڻي آهي. سنڌ جا رهواسي پنهنجي ڌرمي ڏڻن، هولي، ڏياري، ٿڌڙي ۽ دسهڙي وغيره جي موقعن تي مذهبي نوعيت جا ناٽڪ رچائيندا هئا. دسهڙي جي ڏينهن، راوڻ ۽ رامچندر جي يُڌ (جنگ) ڏيکاري ويندي هئي. اهڙي قسم جا ناٽڪ گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ مروج هئا. ‘سانگ’ ۽ ‘رام ليلائون’ به ڊرامي/ ناٽڪ جا ابتدائي اهڃاڻ آهن. ‘سانگ’ کي سنڌ جو ناٽڪ مڃيو وڃي ٿو. آڳاٽي زماني کان مڱڻهار، شيدي، ڀٽ ۽ ڪي حرفتي ۽ هنرمند ماڻهو خاص خوشيءَ جي موقعن ۽ شادين تي سانگ رچائيندا هئا، جن ۾ ڪن ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي تصوير پيش ڪندا هئا. مردن کان سواءِ عورتون به پنهنجين محفلن ۾ سانگ رچائينديون هيون. اڳتي هلي ڊرامي جدت اختيار ڪئي ۽ سماجي زندگيءَ جا پهلو ان ۾ ڪردارن جي روپ ۾ پيش ٿيڻ لڳا.
سنڌ ۾ جديد ناٽڪ جو باقاعدي آغاز اوڻويهين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري ٿيو. 1854ع ۾ قائم ٿيل رايل ٿيئٽر ڪراچي، ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم کنيو. ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو ته آهستي آهستي ڊرامئٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيڻ لڳيون، جن ۾ ‘دي ڪراچي فرينڊس اينڊ سوسائٽي’ The Karachi Friends and Society): 1882ع)، ‘پيني ريڊنگس ائنڊ ڊرائميٽڪ ڪلب’ (1885ع) پهريون ڊراميٽڪ سوسائٽيون ڳڻي سگهجن ٿيون. هنن ناٽڪ منڊلين ۾ گهڻو ڪري انگريز فوجي آفيسر وڏي چاهه سان حصو وٺندا هئا. ان بعد سڀ کان اڳ بمبئيءَ کان آيل ناٽڪي پيشي سان لاڳاپيل پارسي ۽ گجراتي ڪمپنين پنهنجا مشهور ناٽڪ پيش ڪيا. جن ۾ پهرين ڊرائميٽڪ ڪمپني پارسي سيٺ پسٽن جي فرامجيءَ جي هئي، جيڪا 1877ع ۾ بمبئيءَ ۾ قائم ٿي هئي.
هندستان ۾ اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ پارسي ۽ گجراتي ڪمپنيون مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اچي ناٽڪ پيش ڪنديون هيون، اهي ڪمپنيون پاڻ سان گڏ عارضي اسٽيج، اداڪار ۽ سندن لباس ۽ ٻيو سامان گڏ کڻي اينديون هيون. تن ۾ ‘پارسي اوريجنل اوپيرا ڪمپني’ ۽ ‘روز ٽاورز ڪاميڊي ڪمپني’ شامل هيون. انهيءَ ئي عرصي ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ‘ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي’ برپا ٿي، اها ناٽڪ منڊلي شاهي بازار واري علائقي ۾ ناٽڪ پيش ڪري سماجي مسئلن تي تفريح جو مظاهرو ڪندي هئي. ان کان سواءِ حيدرآباد جي ٻين ڊرامئٽڪ سوسائٽين، جن ۾: بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، پليڊرس ڪلب، رابندرناٿ ٽئگور ڪلب، اِميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي سميت ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، عامل يونين ڊرئميٽڪ انسٽيٽيوٽ، پريم ناٽڪ منڊلي، نيو هاءِ اسڪول ڊرئميٽڪ سوسائٽي، هندو اڪيڊمي سوسائٽي وغيره به سرگرم هيون.
1880ع کان اڳ ۽ مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کانپوءِ 1920ع تائين سنڌي ناٽڪ جو پهريون دؤر ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي علمبردار شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ‘ليلا مجنون’ هڪ راڳ ناٽڪ (Opera: 1880) لکيو. ان بعد 1885ع ۾ خورشيد ناٽڪ لکيائين، جيڪو گجراتي ناٽڪ جو ترجمو هو. ٽيون جهونو سنڌي ناٽڪ ڪوڙي مل چندن مل جو ‘رتناولي’ (1888ع) آهي، جيڪو سنسڪرت جي ناٽڪ نويس ‘راجا هرش ديو’ جي ناٽڪ جو ترجمو هو. ان ريت 1894ع تائين سنڌي ناٽڪ ڇپيل صورت ۾ پڌرا ٿيا. ترت ئي سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج جي زينت بنايو ويو ۽ اها ابتدا اتر سنڌ جي پڙهيل ۽ سلجهيل ذهنن جي ڪوشش سان ٿي. ان ۾ حصو وٺندڙ گهڻو ڪري استاد، شاگرد، پروفيسر ۽ تعليمي ماهر هئا، جن کي ڏسندي وڪيل، ڊاڪٽر، روينيو آفيسر ۽ ٻيا پڙهيل فرد به ساڻن شامل ٿي ويا هئا. ان ڪري سنڌي ناٽڪ گهڻو ڪري تعليمي ادارن ۾ ٿيندا رهيا. وليم شيڪسپيئر جي ڊرامن جو پڻ سنڌي ڊرامن جو پڻ سنڌي ڊرامن تي تمام گهڻو اثر رهيو. سندس ڊرامن جا ترجما ڪري يا سنڌي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا ويا.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي پريس ۽ ٿيئٽر گهڻو ڪري سنڌي هندن جي هٿن ۾ هئا. هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ ڊرامي کي گهڻو ڌڪ رسيو، جنهنڪري سنڌي پريس ناٽڪ منڊل، ٿيئٽر ۽ سينيما گهرن جو ڪردار بدلجي ويو. سنڌ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ناٽڪ ٿيئٽر ۽ سينيما گهر بڻجي سگهيا. اهڙيءَ ريت سنڌي ڊرامي جو خاص طور زوال ٿيڻ لڳو. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ اسٽيج ڊرامو فقط ايميچوئر (شوقيه) طور تي ٿيندو رهيو. ان کي اها حيثيت نه ملي، جيڪا اُن وقت هندستان جي ٻين علائقائي ۽ هندي توڙي اُردو ناٽڪن کي ملي هئي.
ڊاڪٽر پريم پرڪاش، جنهن سنڌي ناٽڪ تي مقالو لکي ممبئي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي سنَد ورتي آهي، تنهن جي گڏ ڪيل تفصيلن موجب اٽڪل 145 ناٽڪ لکيا ويا، جن مان 77 ناٽڪ خود ساخته يا لوڪ ڪهاڻين تي رچيل هئا. 33 انگريزي تان، 3 سنسڪرت تان، 4 گجراتي تان، 8 اردوءَ تان، 6 هنديءَ تان، 8 مهاڀارت تان، 2 رامائڻ تان، 1 مراٺي تان ترجمو ڪيل هئا. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اصلوڪا ناٽڪ گهٽ ۽ ترجمو ڪيل وڌيڪ هئا.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڊرامي گهڻي همت افزائي نه هئڻ باوجود تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌي ڊرامن جي ابتدا رومانوي داستانن سان ٿي ۽ ان ۾ سماجي مسئلا به شامل رهيا ۽ سڀئي ڊراما اصلاح ۽ تفريح جو عنصر رکندا آيا آهن. اسٽيج ناٽڪ ۽ ٿيئٽر کانپوءِ ريڊيو ڊرامن عروج حاصل ڪيو، ماڻهو گهر ويٺي ڪردارن ۽ ڪهاڻين جو لطف سماعتن سان وٺندا هئا. ريڊيو ڊرامو جيتوڻيڪ وڌيڪ محنت ۽ انتظامن سان تيار ٿيندو هو، تنهن هوندي به انيڪ شاهڪار ريڊيو ڊراما تخليق ٿيا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ وري ٽي. وي ڊراما ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب بڻيا، جن ۾ ڪردارن کي گهر ويٺي اکين سان ڏسي لطف حاصل ٿيو.
رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڊرامن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ورهاڱي کانپوءِ سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ تاريخي موضوعن تي جن ليکڪن ڊراما لکيا، تن ۾ ڀون پنجواڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، جي. اين. قاضي، اسماعيل عرساڻي، ابن حيات پنهور، حبيب بخاري، لطف الله بدوي، غالب لطيف، چنا شبير، اياز قادري، رشيد ڀٽي، مرزا گل حسن، رشيد لاشاري، سراج ميمڻ، محبوب جوکيو، ماهتاب محبوب، مراد علي مرزا، امر جليل، قاضي خادم، آغا سليم، قاسم فاني، عبدالحق ابڙو، ممتاز مرزا، محمد يوسف پنهور، ماڻڪ منير احمد،
نثار حسيني، عبدالڪريم بلوچ، اياز عالم ابڙو، علي بابا، غلام محمد گرامي، شوڪت شورو ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن.
ورهـاڱـي کانپوءِ ڀـارت جي سـنڌي ڊرامانگارن ۾ پروفيـسـر منگهارام ملڪاڻي، گوبند مالهي، سندري اتمچنداڻي، هيم راج ناگواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موتي پرڪاش، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، جيون گرسهاڻي، لکمي کلاڻي، واسديو نرمل، ڄيٺو لالواڻي، تيرٿ بسنت، پريم پرڪاش، لڇمڻ ڪومل، سندر اگناڻي، ايس پي مينگهاڻي، مدن جماڻي، رام رسيلا، رميش مهتا، موهن ڇاٻڙيا، سندر بٽاڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي، ڀڳوانداس چنديراماڻي، اتم هنڱوراڻي، اندر ڪيولراماڻي، رام گيانچنداڻي، هريڪانت ڄيٺواڻي، ايم ڪمل، رميش ڄاڃاڻي، راجن چاولا ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان اڪثر ڊرامن جا مجموعا پڻ شايع ٿيا.
1970ع کان پي. ٽي. وي ڪراچي مرڪز تان سنڌي ڊرامي جو آغاز ٿيو. پهريون ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو ‘زينت ’ ناول مان پيش ڪيو ويو. پي. ٽي. وي تي سنڌي پروگرامن جو مخصوص وقت هوندو هو. 1971ع ۾ امر جليل جو ڊرامو ’ماءُ‘ پيش ٿيو. بعد ۾ سلسلو هلندو رهيو. ممتاز مرزا، آغا سليم، علي بابا، عبدالڪريم بلوچ، عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت حسين شوري، اياز عالم، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، ماهتاب محبوب ۽ ٻين جا ڊراما پيش ٿيا، جن ۾ آرٽ پلي ۽ ڊراما سيريل شامل هئا. اڪثر ڪري ’ناٽڪ رنگ‘ سيريز تحت سنڌي ڊراما پي. ٽي. وي تان پيش ٿيندا رهندا، جن کي سنڌي ڏسندڙن ڀرپور موٽ ڏني.
پي ٽي وي جا ڪي مشهور سنڌي ڊراما:
سال ڊرامو ڊرامانگار
1970ع زينت مرزا قليچ بيگ
1971ع ماءُ امر جليل
1972ع تصوير شمشير الحيدري
1972ع درد جي روشني آغا سليم
1973ع فرمانبردار امر جليل
1973ع درد جا مرحلا آغا نادر
1973ع تقدير آغا نادر
1974ع فنڪشن امر جليل
1974ع شڪست قاضي خادم
1974ع قربتون ۽ فاصلا اسماعيل بن واحد
1975ع پلٽن شمشير الحيدري
1975ع دنگي منجهه درياهه علي بابا
1975ع گلن واري ڇوڪري علي بابا
1975ع راهون جدا جدا قمر شهباز
1975ع علاج شمشير الحيدري
1975ع ڪاري قمر شهباز
1975ع ڪنگلو قمر شهباز
1976ع آس امرتا بيدل
1976ع چندن هار سحر امداد
1976ع موت ۽ مفاصلو قاضي خادم
1976ع منزل ناهي دُور شمشير الحيدري
1976ع لالڻ ماهتاب محبوب
1976ع فيصلو ممتاز مرزا
1976ع ممتا شمشير الحيدري
1976ع اڻ کُٽ فاصلا آغا سليم
1976ع مائي مستاني امر جليل
1977ع دل ۽ دنيا قمر شهباز
1977ع روپ علي محمد مجروح
1977ع احساس شوڪت حسين شورو
1977ع مهڪ رات جي قمر شهباز
1977ع گردش عبدالقادر جوڻيجو
1978ع آخري رات ممتاز مرزا
1978ع ڪارونجهر جي ڪور علي بابا
1978ع ڏات جي ڏيهه ۾ اياز عالم ابڙو
1978ع سفر ۽ ساٿي سليم جلالي
1978ع ڌرتيءَ جا تارا شوڪت حسين شورو
1978ع مومل راڻو شمشير الحيدري
1981ع هار جيت نور گهلو
1981ع ساحل بنا ساگر منير احمد چانڊيو
1981ع شمن سائين نورالهديٰ شاهه
1981ع منزل کان بعد ملڪ آگاڻي
1981ع خان صاحب عبدالقادر جوڻيجو
1981ع دنگي ۾ ديوانه آغا جلال سحر
1981ع راڻيءَ جي ڪهاڻي عبدالقادر جوڻيجو
1981ع شوپيس نور گهلو
1982ع رشتا آغا رفيق
1982ع سارن سان مان سڙان ڪيهر شوڪت
1982ع تن دما طارق عالم
1982ع رنگ رتا سپنا طارق عالم
1982ع اڌورا خواب نور گهلو
1982ع ڍولا ڌڪڻ سحر قريشي
1982ع تلاش قاضي خادم
1982ع آئيڊيل محمود مغل
1982ع ٻيو شخص ڪيهر شوڪت
1982ع روح جا مسافر ڪيهر شوڪت
1983ع خوشبو محمود مغل
1983ع زندگيءَ جي رڻ ۾ نورالهديٰ شاهه
1984ع ضمير جي سچائي آغا رفيق
1985ع خالي منظر نور گهلو
1985ع زندگيءَ جو زهر محمود مغل
1985ع گفٽ عبدالڪريم بلوچ
1985ع سچ جو زهر ڪيهر شوڪت
1985ع ڪاوڙ زينت بروهي
1985ع داغ طارق عالم ابڙو
1985ع ڪيمياگر شمشير الحيدري
1986ع نبلي بينا
1986ع حوصلو انور سولنگي
1986ع وقت جو آواز اياز عالم
1986ع پرائي جوءِ انور جوکيو
1986ع واپسي محمود مغل
1986ع وڃايل راهون ملڪ آگاڻي
1986ع زنجيرون امداد حسيني
1987ع معاف ڪج نور گهلو
1987ع زندگي ڪيهر شوڪت
1987ع چانس امداد حسيني
1987ع ڪارو ڪاغذ زيب سنڌي
1987ع بخشش محمود مغل
1987ع پيوند طارق عالم
1987ع گهايل من آغا رفيق
1987ع جنت زينت سنڌي
1988ع واهه ماما واهه انور انصاري
1988ع پاتال اشفاق انصاري
1988ع عذاب فيض محمد ٻگهيو
1988ع واپسي منظور عالم
1989ع ڪمدار شمشير الحيدري
1989ع سجاوٽ زيب سنڌي
1989ع اصلي عيد يار محمد شاهه
1989ع شهرت عبدالقادر جوڻيجو
1989ع آخري حل شمشير الحيدري
1989ع سوال آغا رفيق
1989ع ملڪيت شوڪت حسين شورو
1990ع حصار عبدالقادر جوڻيجو
1990ع وڏي مڇي عبدالقادر جوڻيجو
1991ع عمر مارئي شاهد ڪاظمي
1990ع تماشو شمشير الحيدري
1992ع چنبيلي ول ڪيهر شوڪت
1992ع ڪن ڪنارا اياز عالم ابڙو
1992ع غلام نورالهديٰ شاهه
1992ع شادي ڪارڊ شمشير الحيدري
1991ع جياپو رزاق مهر
1994ع وڇوٽيون رزاق مهر
1993ع شڪست کانپوءِ امر جليل
1996ع پاتال رزاق مهر
1996ع قربتون رحمت الله ماڃوٺي
1996ع بوبديود زهر ماڪن شاهه رضوي
1997ع اوڙاهه اختر رند
1997ع سهڻي ڌرتي نعيم مرزا
1997ع ڪونج عزيز ڪنگراڻي
1998ع ثبوت نور گهلو
1998ع ميراث شاهه مراد
2000ع پولار آغا رفيق
(حوالو: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح)
ان کان سواءِ پي ٽي وي تي ٻيا به ڪيترا ڊراما مشهور ٿيا، جن ۾ مٽيءَ جا ماڻهو (امر جليل)، آئينو (آغا رفيق)، اڃا ڪي آهين، گامون سچار (فاروق سولنگي)، گل ڇنو گرنار جو (آغا سليمدوزخ (امر جليل
دل جي دنيا (امر جليل)، شيشي جو گهر (علي بابا)، سؤ روپيا نوٽ (علي باباخواب جو سورج (آغا سليم)، پاڳل خانو (آغا سليم)، تماشو (آغا سليمپرهه جا مسافر (آغا سليم)، انٽرويو (قمر شهباز)، شڪست (قمر شهباز)، پاڇي جي تلاش (شمشير الحيدري)، عيد پارٽي (شمشير الحيدري)، منزل (شمشير الحيدري)، ڪاڪ محل (شمشير الحيدري)، اندر جنين اڌ (ممتاز مرزا)، سچائيءَ جو عڪس (ممتاز مرزا)، سرءُ جو پن (ممتاز مرزا)، بئنسر ادل جي (عبدالڪريم بلوچ)، پرچائڻ وارو (عبدالڪريم بلوچ)، جوڳيءَ تي جڙاءُ (عبدالڪريم بلوچ)، پاڇا (ممتاز مرزا)، گنگهار (ممتاز مرزا)، ناسور (ممتاز مرزا)، ويندڙ وهي (عبدالقادر جوڻيجو)، ڳولا (عبدالقادر جوڻيجو)، گردش (عبدالقادر جوڻيجو)، هن وستيءَ ۾ (عبدالقادر جوڻيجو)، منزلون ۽ مسافر (قاضي خادم)، دل جي بستي (قاضي خادم)، شڪست (قاضي خادم)، سام (آغا رفيق)، اونداهيءَ جا اولڙا (در محمد پٺاڻ)، گهر ڇپر (در محمد پٺاڻ)، ڌٻڻ (شوڪت حسين شوروباک (شوڪت حسين شورو)، ملڪيت (شوڪت حسين شوروچنڊ رهين ٿو دور (طارق عالم)، گهايل مرڪ (اياز عالم)، اسڪاءِ ليب (اياز عالم)، نينهن جو ناتو (اياز عالم)، رُڃ ۽ سُڃ (ڪيهر شوڪت)، گرهڻ (ڪيهر شوڪت) ۽ ٻيا ڪيترا ڊراما شامل آهن.
سنڌي ٽي. وي ناٽڪ ۾ جيڪي موضوع کنيا ويا، تن ۾ مقامي رنگ ۽ سنڌي ثقافت کي خاص ڌيان ۾ رکيو ويو. ان کان سواءِ اهي ڊراما به مقبول ٿيا، جن ۾ هارين ۽ غريبن جي زندگي، ڏي وٺ جي رشتن جا مسئلا، غلط خانداني ۽ قبيلائي رسمون، ننڍپڻ جون شاديون، وڏيرن جا ظلم، ڌاڙيل ڪلچر ۽ سياست جا موضوع هئا.
پاڪستان جي ڊرامن کي جيئن ته ڀارت سميت سڄي ايشيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. اتي سنڌي ڊرامن جو به پنهنجو معيار رهيو آهي.
پي. ٽي. وي کانپوءِ 2002ع ۾ نجي سيٽلائيٽ سنڌي چينل شروع ٿيا، ته ڊرامن جو انداز ڪجهه تبديل ٿيو. جديد معاشري، شهري زندگيءَ کي به ڪجهه پيش ڪيو ويو، پر اڪثر نقاد هاڻوڪي نجي سنڌي ڊرامن تي ان ڪري به نقطه چيني ڪن ٿا، ته ان ۾ گهڻو ڌاڙيل ڪلچر ۽ سنڌ جي ثقافت جي برعڪس شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ۽ اڪثر سنڌي چئنل تجربيڪار، تربيت يافته، ڊائريڪٽرن ۽ اداڪارن کان محروم آهي. تنهن هوندي به سنڌي ڊرامو پنهنجي اوج تي آهي.
ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ناٽڪ جي تاريخ’ ۾ 228 ڊرامن جو شاندار تفصيل ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
سال ناٽڪ ناٽڪ نويس رچائيندڙ/ ڇپائيندڙ
1880ع ليليٰ مجنون: مرزا قليچ بيگ، ماستر هريسنگ پبلشرز، سکر
1885ع خورشيد: مرزا قليچ بيگ، سرڪاري بڪ ڊيپو، ڪراچي
1888ع رتناولي: ڪوڙو مل چندن مل، رتن ساهتيه منڊل، ڪراچي
1894ع نل دمينتي: ڄيٺانند کلڻداس، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1894ع بڪاولي: مرزا قليچ بيگ، ماستر هريسنگ پبلشرز سکر
1895ع هرشچندر: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1895ع لوڀي ۽ ٺوڳي: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1896ع موهن تارڪا: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1896ع شڪنتلا: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1896ع انڪوائري آفيسر: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1896ع نورجهان ۽ جهانگير: مرزا قليچ بيگ، ماستر هريسنگ پبلشرز، ڪراچي
1897ع حسنا دلدار: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1897ع نيم طبيب خطره جان: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1897ع سورجن راڌا، ليلارام وطڻ مل سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1897ع رام بنواس: ڏيئومل گاگن مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1897ع شڪنتلا دشنت: گاگن سنگهه آڏواڻي، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور
1897ع نادر شاهه: مرزا قليچ بيگ، ماستر هريسنگ پبلشرز، سکر
1898ع رامائڻ: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1899ع شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1900ع شاهه ايليا: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1901ع چندرا ولي: ديوان ٺاڪر داس، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور
1902ع ڪشينٽ: شيواسنگهه اجواڻي، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1903ع نشائين کي نصيحت: لوڪسنگ وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1904ع مها انڌير: گاگن سنگهه آڏواڻي، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور
1905ع فيروز دل افروز: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1905ع دروپدي: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1905ع سنگ جو پرسنگ: ڪوڙو مل چندن مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊل، ڪراچي
1905ع ڀارت ڄاوا، اُٿ اٿي جاڳ: لعلچند امرڏنو مل، بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1906ع ڪرشن جي گوپي: موٽو مل گدواڻي، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1906ع سيڻ ڪي ويڻ: لعلچند امرڏنو مل، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1907ع خوبصورت بلا: ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو
1908ع شمشاد مرجانه: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1908ع گشت ڪي ڪشٽ: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1908ع شاهه عادل خان: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1908ع لوڀي لاکيڻا: ليلارام وطڻ مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1908ع بلوا منگل: ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو
1909ع راجا هرشچندر: ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو
1909ع گلزار ۽ گلناز: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1909ع عزيز ۽ شريف: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1910ع لک ڏيڍ کي لت: لعلچند امرڏنو مل، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1911ع نيڪي ۽ بدي: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1911ع حرڪت مان برڪت: لعلچند امرڏنو مل، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1911ع نقد ڌرم: لعلچند امرڏنومل، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1912ع سو ديش: ڪوڙومل چندن مل، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1912ع حرص جو شڪار: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1912ع ڪملا: جهمٽمل ٿڌاڻي، عامل يونين ڊرئميٽڪ انسٽيٽيوٽ، ڪراچي
1913ع تريا چلتر: ديوان ٺاڪرداس، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ انسٽيٽيوٽ، ڪراچي
1914ع شهزادو بهرام: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1914ع فريبي فتنو: نانڪرام ڌرمداس، ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1915ع پرهيز جي ٽولي: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1915ع ڊاڪٽر شام نارائڻ: گاگن سنگهه آڏواڻي، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1916ع نيڪ: نانڪرام ڌرمداس، ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1917ع چندر: چانڊومل کتري، ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1917ع مهجور: چانڊو مل کتري ڌرم اپڪار ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1917ع مسوهر موهني: چانڊو مل کتري، سارسوت براهمن ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي
1918ع شهريار شهربانو: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1918ع شيرين فرهاد: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1918ع بدر منير ۽ بينظير: مرزا قليچ بيگ، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1918ع نول لڪشمي: هرومل پريمچند، سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي
1918ع وهمي وڪار: چانڊو مل کتري، سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي
1918ع جمشيد حميده: مرزا قليچ بيگ، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي
1918ع سورداس: ٽهلرام چانڊواڻي، ٽهلرام چانڊواڻي پبلشرز، ڪراچي
1918ع نل دمينتي: چانڊو مل کتري، سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي
1919ع گلاب جو گل: خانچند درياڻي، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1920ع پتي شيوا: نانڪرام ڌرمداس، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1920ع قهري مان قهر: آوترام ٺاڪرداس، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1920ع دو رنگي دنيا: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1920ع پريمي پتنگ: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1920ع بي وفا قاتل: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1921ع ڪشور موهني: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1921ع بزازين جو ناٽڪ: ڀيرومل مهرچند، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي
1921ع عملدار ڪي رعيت آزار، لعلچند امرڏنو مل، بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1921ع ستي ساوتري: نانڪرام ڌرمداس، نانڪرم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد
1921ع وئشيا: تيجورام روچيرام، سناتن ڌرم سڀا پبلشرز، ڪراچي
1922ع ڪلجڳ جا ڪال: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1922ع پريم جي پتلي: نانڪرام ڌرمداس، نانڪرام ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1923ع ليلاوتي: نانڪرام ڌرمداس، نانڪرام ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1923ع ليلاوتي: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1923ع موتئي جي مکڙي خانچند درياڻي، ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1923ع پريم ڀڳتي: نانڪرام، ڌرمداس ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1923ع ملڪ جا مدبر: خانچند درياڻي رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1923ع پدمڻي،خانچند درياڻي، سنڌ سوشل لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1923ع هئمليٽ،ڄيٺمل پرسرام، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري حيدرآباد
1923ع طوفان،ڄيٺمل پرسرام، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري حيدرآباد
1923ع فاسٽ، ڄيٺمل پرسرام، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري حيدرآباد
1923ع پريم پريڪشا، ڄيٺمل پرسرام ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1924ع غلط فهمي، خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1924ع رتنا، خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1924ع ٻليدان، خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1925ع سچي سڪ، خانچند درياڻي، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1925ع مڙس جي مڙسي، ڀيرو مل مهرچند، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1925ع منوهر نانگڻ، ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
1925ع دروپدي، ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
1925ع ڀرت پوڄارڻ، ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
1925ع هار جيت، ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
1925ع ڀرتري، ڀاڳسنگهه آڏواڻي، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1925ع گماني گهمسان، ڀاڳسنگهه آڏواڻي، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد
1925ع عجيب انصاف، خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1925ع عمر مارئي، لعلچند امرڏنو مل، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1925ع سسئي پنهون، لعلچند امرڏنو مل، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1925ع سهڻي ميهار، لعلچند ۽ ڊنگو مل، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1925ع تيليءَ مان ٿنڀ، روپچند ڪرپلاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1926ع جيئري تي جيئري: خانچند درياڻي، ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1926ع راڻو پرتابسنگهه: تيجو مل شاهاڻي، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي ڪراچي
1926ع مڪر: جهمٽ مل ٿڌاڻي، اين ايڇ پنجابي پبلشرز ڪراچي
1926ع رڇ: ڄيٺمل پرسرام، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري، حيدرآباد
1926ع موهڻي وينا: ڄيٺمل پرسرام، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري، حيدرآباد
1926ع رستم زليخا: چترومل بٺيجا، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري، حيدرآباد
1926ع رٿ ياترا: آسودو مل گدواڻي، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري، حيدرآباد
1927ع وسنت لڪشمي: موٽو مل گدواڻي، ڄيٺمل نئين سنڌ لائبرري، حيدرآباد
1927ع ديش صدقي: خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1927ع قسمت: منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1927ع پنگتي مقدمو: ڀيرومل مهرچند شاهاڻي، اسڪول ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1928ع مومل مينڌرو: خانچند درياڻي، سنڌ ڪاليج ناتڪ منڊلي ڪراچي
1928ع زمينداري ظلم: خانچند درياڻي، ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1929ع زماني جي لهر: خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1929ع ايڪتا جو آلاپ: منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1930ع کن جي خطا: منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1930ع مايا جو انڌ: خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1930ع امانت ۾ خيانت: خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1930ع اما ۽ ونايڪ: آسانند مامتورا، ڦلواڙي مخزن حيدرآباد
1930ع پاپ جو ڪيتو، منگهارام ملڪاڻي، ڦلواڙي مخزن حيدرآباد
1930ع سئبريڪا جو پيش پوڻ، محمد حنيف صديقي، ڦلواڙي مخزن حيدرآباد
1931ع شڪ جو شڪار، ڪشنچند بيوس، چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
1931ع قاتل مسافر: ليلارام ماکيجاڻي، ينگ مين ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1931ع ڪمار اجيت سنگهه، ليکراج عزيز، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1931ع غريبان مار ليکراج عزيز حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1931ع انسان ڪي شيطان خانچند درياڻي ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1931ع ناخلف: منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1931ع پاپ ڪي پڃ: منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1932ع بک جو شڪار: خانچند درياڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1932ع اولاد: منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1932ع سسئي پنهون: منگلسنگهه رامچنداڻي، ينگ مين ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد
1932ع هار جيت، ليکراج عزيز، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1932ع قرباني، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1932ع واندو وڪيل، اڌو جهانگياڻي،ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1932ع ٻه باهيون، منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1933ع چٽ نه چماٽ، وڃائين ٻي واٽ نانڪرام ڌرمداس سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1933ع مسٽر مجنون، ليکراج عزيز ۽ جڳو آڏواڻي، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1933ع انصاف: اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1933ع منهنجي نؤرني: ڏيارام سڀاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1933ع فسادي ڦوڪڻو: ڄيٺانند ناگراڻي، ڪوڙو مل ساهت منڊل حيدرآباد
1933ع سمنڊ جي گجڪار: منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1934ع خوني: احمد علي چاڳلا، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1934ع دنيا دورنگي، آغا غلام نبي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1934ع ميلاپ، منگهارام ملڪاڻي، شنڪر اميچوئرس ڊرئميٽڪ سنسٿا، سکر
1934ع انڌيري دنيا، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1934ع ضعيف انسان، منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1935ع ٽي پارٽي، منگهارام ملڪاڻي، شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1935ع بي بها موتي، نانڪرام ميرچنداڻي، ٽلٽي ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي ڪراچي
1935ع ڪاليج، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1935ع جهانگير، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1935ع دل ۽ دماغ، منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1935ع سيتا بنواءِ، پارو مل ڪيولراماڻي، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1936ع پريم، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1936ع افلاطون، جڳتراءِ آڏواڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1936ع هڪڙي رات، ليلارام ڦيرواڻي، ڦيرواڻي پبلشر، برنس روڊ ڪراچي
1936ع راڻين جو راڄ، اي ايس ميرچنداڻي، سندر ساهتيه رسالو حيدرآباد
1936ع مهاراجا ڏاهرسين، ٺاڪرداس ورما، ٺاڪرداس پبليڪيشن حيدرآباد
1936ع وڪيل، ايل ايل ڏوڏيجا، رتن رسالو، ڪراچي
1936ع جوانيءَ جو انڌ، موتي منسکاڻي، موتي پبلشرز حيدرآباد
1937ع نئين سجاڳي، ليلارام ماکيجاڻي، ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1937ع انارڪلي، منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1937ع اميد، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1937ع ديش ڀڳتي، رمڻ لعل شرما ۽ رامچندر، ڪوڙو مل ساهتيه منڊل حيدرآباد
1937ع پريت جي ريت، منگهارام ملڪاڻي، اين جي وي هاءِ اسڪول مخزن ڪراچي
1937ع بٽئي، منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1938ع سچي، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1938ع اڪيلي دل، منگهارام ملڪاڻي، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1938ع ٻي زال، منگهارام ملڪاڻي، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1938ع ٻه ڀينر ، منگهارام ملڪاڻي، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1938ع ماتا جي مامتا، منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1938ع ڏوهي ڪير؟ خوشيرام واسواڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1938ع آزاديءَ جي ڪوڏي، ڀيرو مل مهرچند، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع دل سوز داستان، منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي
1939ع ليڊيز ڪلب، منگهارام ملڪاڻي، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب ڪراچي
1939ع ديوداس، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1939ع بدنصيب ٿري، محمد اسماعيل عرساڻي، اسڪول ناٽڪ منڊلي ميرپورخاص
1939ع ڪرشن سڌامو، نانڪرام ڌرمداس، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع دروپدي، نانڪرام ڌرمداس، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع جهانگير ۽ نورجهان، ساوتري جهانگياڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1939ع بک هڙتال، جڳت آڏواڻي، ڪهاڻي ماهوار رسالو حيدرآباد
1939ع جگري قرباني، ڪشنچند بيوس، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع پوڙهي جو پرڻو، ڪشنچند بيوس، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع آنرري مئجسٽريٽ،ميلارام واسواڻي، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع راجپوت جي شڪست، ميلارام واسواڻي، انڊلٺ سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع ڇايا، مولوي دلدار حسين، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1939ع پتا جو پاپ، منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1940ع اڄ ڪلهه، اڌو جهانگياڻي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1940ع گمراهه دوست، عثمان علي انصاري، ساهتي اسڪول ڊرئميٽڪ سوسائٽي نوشهروفيروز
1940ع ڪوڙي ڪلينڪ، منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ڪاليج مسلني مخزن ڪراچي
1940ع بئراج،منگهارام ملڪاڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1940ع نل دمينتي، ڪشنچند بيوس، سندر ساهتيه منڊل ڪراچي
1940ع ڀڳت نرسو، هوندراج دکايل، سندر ساهيه منڊل ڪراچي
1940ع چترا، تيرٿ وسنت، سنڌو مخزن شڪارپور
1942ع جرم وفا، عثمان علي انصاري، ساهتي اسڪول ڊرئميٽڪ سوسائٽي شڪارپور
1942ع مومل راڻو، رام پنجواڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1942ع ماءُ جو فخر، ڌرمداس ماڻڪ، آشا ساهت منڊل ڪراچي
1942ع آڌيءَ جو انصاف، ايڇ سي بلي، ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد
1943ع گامٽو، ايڊيٽر ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1943ع گامٽو بئريسٽر، ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1943ع مڪت ڌارا، چوهڙ مل هندوجا، رتن ماهوار ڪراچي
1943ع پکي ۽ پدمڻي، رام پنجواڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1944ع گامٽو ڊاڪٽر، ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1944ع گامٽو فلم ڪمپني، ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1944ع شانتا، منگهارام ملڪاڻي، رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1944ع نورجهان جو پٽ، م. ع. ڏيپلائي،رتن ساهتيه منڊل ڪراچي
1944ع گامٽو ايم ايل اي، ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1945ع گامٽو گهوٽ، ڄيٺانند ناگراڻي، ڊي جي ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي
1945ع استري آزادي، خوشيرام واسواڻي، سنڌو مخزن شڪارپور
1945ع نئين دنيا، حبيب الله ڀٽو، مهراڻ مخزن ڪراچي
1946ع سجائي موڙي، م. ع. ڏيپلائي، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1946ع ڪانگريس، م. ع. ڏيپلائي، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1946ع شاديءَ جون ٻيڙيون، ايل ايل ڏوڏيجا، حيدرآباد ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
1946ع بسنتي ديوي، لعلچند امرڏنو مل، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1946ع سهڻي ميهار، نانڪرام ڌرمداس، ماهوار ڀرت جيون حيدرآباد
1946ع ڀوت، احمد غلام علي چاڳلا، مهراڻ مخزن ڪراچي
1946ع سبحان جي سڪ، لعلچند امرڏنو مل، مهراڻ مخزن ڪراچي
1947ع سسئي رُل مُئي، لعلچند امرڏنو مل، مهراڻ مخزن ڪراچي
1947ع ميران، تيرٿ وسنت، ڦليلي ڪاليج مخزن حيدرآباد
1947ع شڪنتلا، ڪلياڻ آڏواڻي
1947ع گانڌي، لعلچند امرڏنو مل، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1947ع وچن، لعلچند امرڏنو مل، نيشنل ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد
1947ع خورشيد، م. ع. ڏيپلائي، اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد
1947ع ماڳ جي محبت، مرزا گل حسن ڪربلائي، مهراڻ مخزن ڪراچي
1947ع وير اڀمينو، دوارڪا پرساد شرما، وير ساهتيه مندر ڪراچي
1947ع پتا جو پيار، ٽيڪم داس ڀڳتاڻي، چرچ مشن پبلشرز ڪراچي
1947ع ٻارهن هزار روپيا ماهوار نئين دنيا
(حوالو: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح)
آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ڊرامن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
سال ڊرامو ليکڪ
1948ع مان ڪير آهيان ڀون پنجواڻي
1949ع اسلام تي مقدمو م. ع. ڏيپلائي
1950ع آزاديءَ ڏانهن محمد ابراهيم جويو
1950ع شهنشاهه اڪبر جو دوست جي اين قاضي
1953ع ڊزن ڊائلاگ محمد اسماعيل عرساڻي
1953ع هاري ۽ تعليم محمد ابراهيم جويو
1954ع ڪمدار جا ڪارناما حيدربخش جتوئي
1955ع سسئي پنهون نور احمد نور
1955ع شاهدي م. ع. ڏيپلائي
1955ع نجومي م. ع. ڏيپلائي
1955ع هئڊروجن بم کانپوءِ ابن حيات پنهور
1955ع قلوپطره حبيب بخاري
1956ع انسانيت نور احمد نور
1956ع مومل راڻو غلام حيدر
1956ع دودو چنيسر لطف الله بدوي
1956ع ڊاڪٽر م. ع. ڏيپلائي
1957ع لاچار غالب لطيف
1957ع مومل راڻو اياز قادري
1958ع عجيب شادي الهه بخش ٽالپر
1958ع شڪنتلا رشيد احمد لاشاري
1958ع نوراني جاسوس محمد سومار شيخ
1958ع اي ڪپهه جا گوگڙا محمد خان جمالي
1958ع کلندي کلندي مري ويو چنا شبير ناز
1958ع بانسري الاهي بخش دوداپوري
1958ع جڏهن رئيس... محمد خان غني
1958ع آخري سهارو مرزا گل حسن
1958ع نوري ڄام تماچي بشارت حسين انصاري
1958ع قمر النسا بيگم منير سولنگي
1958ع غريب جي آهه قلندر بخش ‘نثار’ (نثار بزمي)
1958ع سريت جي ڌيءُ غلام علي کوکر
1958ع سرزمين سنڌ احمد خان اختر
1958ع اهيئي پنج محمد دائود ‘تاج
1958ع دعوت محمد عثمان ‘راهي’
1958ع ماستر خواجه غلام علي الانا
1958ع بادشاهت جو خاتمو فخرالدين منشي
1958ع واپار نذير امين مقبول
1958ع باغيچي ۾ نذير امين مقبول
1959ع نل دمينتي رشيد احمد لاشاري
1959ع انصاف محبوب علي جوکيو
1959ع ايمان جي قيمت ماهتاب محبوب
1959ع نئون صبح چنا شبير ‘ناز’
1960ع انقلاب چنا شبير ‘ناز’
1960ع گهيٽو خواجه گلزار علي
1960ع دلڪشا محمد اسماعيل
1960ع شهزادي تهمينه محمد هاشم سومرو
1960ع منزل مظفر حسين جوش
1960ع گهاتو گهر نه آيا سراج
1960ع هن ڪن ۾ ابن فقير
1960ع ڪامياب ڪوڙو غالب لطيف
1961ع ٽپال گهر الاهي بخش بلوچ
1963ع پرمتڙيو محمد يوسف پنهور
1963ع گونگي زال الهه بچايو لغاري
1963ع تعبير ممتاز مرزا
1963ع سورج مکي ممتاز مرزا
1963ع جر ۾ ڦوٽو جيئن سراج
1963ع ويهين ورهين کان پوءِ مراد علي مرزا
1963ع پوچا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول جا سراج
1963ع مرشد غالب لطيف
1964ع گل ڇنو گرنار جو آغا سليم
1964ع هاءِ پيري عبدالحق ابڙو
1964ع معزز طوائف غلام نبي ميمڻ
1964ع چوراهو مراد علي مرزا
1964ع روپ ٻهروپ آغا سليم
1964ع موسم ۽ محبت مصطفيٰ قريشي
1964ع مياڻيءَ جي جنگ جو فيصلو مرزا گل حسن
1964ع شهزادا محمد دائود سولنگي
1964ع پروفيسر سراج
1964ع سڃا سيج پلنگ چنا شبير ‘ناز’
1964ع جن جهوناڳڙهه جلايو ظهور انصاري
1965ع گويئه اعظم محمد يوسف پنهور
1965ع دولتمند ٺڳ قاسم فاني
1965ع کٽل کاتو قاسم فاني
1965ع دريا خان چنا شبير ‘ناز’
1965ع فراق جي وادي چنا شبير ‘ناز’
1965ع ويئي رات وهامي چنا شبير ‘ناز’
1965ع سنگهارن جي سار غالب لطيف
1965ع انسان امر جليل
1965ع آخري رات ممتاز مرزا
1965ع موت کانپوءِ ممتاز مرزا
1965ع فيصلو مراد علي مرزا
1965ع شابه سيد منظور نقوي
1965ع واپسي آغا سليم
1965ع قاتل ڪير محمد ابراهيم ‘خليل’
1966ع عمر مارئي محمد يوسف پنهور
1966ع اڃان ڪي آهين محمد يوسف پنهور
1966ع ڪمرو نمبر 10 محمد يوسف پنهور
1966ع منشي مرزا قليچ بيگ
1966ع ڪوڙو نوٽ مرزا قليچ بيگ
1966ع بس حل ٿي ويو عبدالحق ابڙو
1966ع مئڪبيٿ حبيب الله مرزا
1966ع ڦڙي ڦڙي تلاءُ چنا شبير ‘ناز’
1966ع انصاف جو ملهه قاضي خادم
1966ع ملاقات عبدالحق خادم
1967ع اشتهاري شادي سندر اگناڻي
1967ع ڪاڪ محل محمد يوسف پنهور
1967ع مهمان محمد يوسف پنهور
1967ع ڪواٽر نمبر 10 محمد يوسف پنهور
1967ع شهيد بختاور ماڻڪ منير احمد
1967ع ٻرندي رهندي لاٽ شوڪت حسين شورو
1967ع واٽون ۽ نيڻ ممتاز مرزا
1967ع سي ئي جوڀن ڏينهن ممتاز مرزا
1968ع سسئي پنهون محمد يوسف پنهور
1968ع هوشو محمد يوسف پنهور
1968ع بنگلو نمبر 10 محمد يوسف پنهور
1968ع ڀُوت عبدالعزيز سمون
1968ع دودو سلطان نثار حسيني
1968ع اڳتي وڌبو نثار حسيني
1968ع هوشيار ٺڳ عنايت الله عباسي
1968ع ڳالهوڙو حبيب الله مرزا
1968ع تند ڪٽارو ڪنڌ عبدالڪريم بلوچ
1968ع عاشق زهر پياڪ رشيد ڀٽي
1968ع پنرو بڊام ممتاز مرزا
1968ع موت ۽ مفاصلو قاضي خادم
1968ع اداس پاڇا مراد علي مرزا
1968ع ٽيپو نثار حسيني
1969ع سهڪار مرزا اسد بيگ
1969ع موٽ غالب لطيف
1970ع دولهه دريا خان آغا سليم
1970ع چنڊ ۽ رلي غزاله شاهين ڀٽو
1970ع رني ڪوٽ جا ڌاڙيل شيخ اياز
1970ع دودي سومري جو موت شيخ اياز
1970ع پڙاڏو سو سڏ ممتاز مرزا
1970ع ڪاريگر شاعر چنا شبير ‘ناز’
1970ع ليک نور شاهين
1970ع جوڳي عبدالڪريم بلوچ
1970ع عيدن خان عيد عبدالڪريم بلوچ
1971ع سنڌڙيءَ تان صدقي محمد يوسف پنهور
1971ع چنڊ جو سير محمد بخش دائودپوٽو
1971ع مڙيا مڇ هزار نثار حسيني
1971ع اوندهه ۽ روشني امر جليل
1971ع مٽيءَ جا ماڻهو امر جليل
1971ع دودو چنيسر آغا سليم
1972ع ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا نثار حسيني
1972ع ڏات جي لات نثار حسيني
1973ع سامونڊين سڙهه سنڀايا نثار حسيني
1973ع ڪي جو ٻيجل ٻوليو نثار حسيني
1973ع دلين ديپ جلايا چنا شبير ‘ناز’
1974ع واهه ڙي زمانا مدن جماڻي
1974ع زندگي يا طوفان الطاف سومرو
1974ع جوڳي ڏاڍي ذات عبدالغفور سومرو
1974ع ڳاڙهو لالٽين نجم عباسي
1975ع تماشو آغا سليم
1975ع هيبت خان اشرف بلوچ
1975ع شيشي جو گهر قاسم فاني
1975ع بوءِ بهار جي شوڪت حسين شورو
1975ع مٽيءَ جا رانديڪا انور بلوچ
1976ع سوامي شري 108 مدن جماڻي
1976ع زندگي يا موت الطاف سومرو
1976ع ڌرتي ماءُ اشرف بلوچ
1976ع ماڊرن هير رانجهو قاسم قاني
1976ع فيصلو شوڪت حسين شورو
1977ع مونجهارو مراد علي مرزا
1977ع وڍيا جي ويڄن رشيد ڀٽي
1977ع دنگي منجهه درياهه علي بابا
1977ع ڇايا غلام محمد گرامي
1977ع رضيه سلطانه غلام محمد گرامي
1977ع تخت طائوس غلام محمد گرامي
1977ع ڪلياڻي غلام محمد گرامي
1977ع گليلو محمد ابراهيم جويو
1978ع فرض ۽ پيار احمد علي چانڊيو
1978ع قربائتو قاتل احمد علي چانڊيو
1978ع ڀڄي ويئي لکمي کلاڻي
1978ع ڪارونجهر جي ڪور علي بابا
1978ع ڏات جي ڏيهه ۾ اياز عالم ابڙو
1979ع همسفر محمد اقبال ڀٽي
1979ع ظالم انسان اشرف بلوچ
1979ع منهنجو مهمان احمد علي چانڊيو
1979ع اٻاڻڪيون اکيون احمد علي چانڊيو
1979ع سپني جي سيج لکمي کلاڻي
1979ع هل پنهل قمر شهباز
1979ع امير ۽ غريب ذوالفقار هيسباڻي
1979ع انسان ۽ شيطان ذوالفقار هيسباڻي
1979ع ڀلي ڪري آيا اشرف بلوچ
1979ع لاکو ڦلاڻي ممتاز مرزا
1979ع ماءُ ۽ محبت ممتاز مرزا
1979ع ڪي ڏور به اوڏا سپرين ممتاز مرزا
1979ع فيصلو ممتاز مرزا
1979ع ستارن بنا رات ممتاز مرزا
1979ع مقروض جو موت نواز علي شوق
1980ع ڪنول احمد علي چانڊيو
1980ع موت احمد علي چانڊيو
1980ع بدنصيب نواز علي شوق
1980ع سندباد جهازي رهبر ڀٽي
1980ع گليور رهبر ڀٽي
(حوالو: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح)
سنڌيءَ ۾ ناٽڪن تي ڇپيل ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
1. ‘گهمساني گهمسان’ [ناٽڪُ]، ڀاڳسنگهه چيتنسنگهه آڏواڻي، 1925ع
2. ‘جيئريءَ تي جيئري’، خانچند شيامداس درياڻي، 1926ع
3. ‘قسمت’ [هڪ ڏينهن جو کيل: انگريزيءَ تان ترجمو]، منگهارام ملڪاڻي، 1926ع
4. ‘آڌيءَ جو انصاف’ [ڪوتا ۾ پهريون مذاقي ناٽڪ]، ايڇ. سي. بُلي، 1942ع
5. ‘غريبان مار’، ليکراج ڪشنچند عزيز، 1951ع
6. ‘ڪورٽ ناٽڪ’، محمد عثمان ڏيپلائي، 1957ع
7. ‘دلڪُشا’ [دلچسپ ناٽڪ]، محمد اسماعيل عرساڻي، 1960ع
8. ‘سڃا سيج پلنگ’ [ٽن ائڪٽن جو ڊرامو]، چنا شبير ناز، 1964ع
9. ‘جن جهوناڳڙهه جلايو’ [تاريخي ڊرامو]، ظهور انصاري، 1964ع
10. ‘دولهه دريا خان’ [چئن ائڪٽن جو ناتڪ]، چنا شبير ناز، 1964ع
11. ‘ڊزن ڊايالاگ’ [12 ننڍڙا ناٽڪ]، محمد اسماعيل عرساڻي، 1966ع
12. ‘عاشق زهر پيارڪ’ [سرمد شهيد تي پنج ائڪٽي ناٽڪ]، رشيد ڀٽي، 1968ع
13. ‘پيءُ جو پيار’ [ڊرامو]، مسيحي ادبي انجمن (پنجون ڇاپو)، 1979ع
14. ‘ڳاڙهو لالٽين’ [چيني ڊرامو]، مترجم: نجم عباسي، 1980ع
15. ‘ميران [نون (9) ائڪٽن جو ناٽڪ]، تيرٿ وسنت، 1980ع
16. ‘نئين ڪنوار’ [ڇهه ناٽڪ]، مرتب: اي. جي. اتم، 1981ع
17. ‘مونجهارو’ [مصري ناٽڪ ‘The Suttan Dilema’ [ليکڪ توفيق الحڪم جو سنڌي ترجمو]، مراد علي مرزا، 1981ع
18. ‘اسٽيج ڊراما’، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، 1981ع
19. ‘رام ڀروسو’، تاراچند راٺي، مٺي، 1982ع
20. ‘ڌڻ ڌيئرن جو ’ [مذاقي ناٽڪ]، گ. ل. ڏوڏيجا، 1983ع
21. ‘ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’، ڄيٺو لالواڻي، 1983ع
22. ‘ناٽڪ ۽ اداڪاري’، ارجن ڀمڀاڻي، 1983ع
23. ‘ناٽڪ’ [ست ناٽڪ]، محمد عثمان ڏيپلائي، 1985ع
24. ‘ماچيس ڪٿي آهي؟’ [ست ايڪانڪي ناٽڪ]، ايم ڪمل، 1985ع
25. ‘هڪ عجيب داستان’ [ٽي يڪ فصلا ناٽڪ]، سندر اگناڻي، 1986ع
26. ‘کوٽو سڪو ’ [چار ايڪانڪي ناتڪ]، ايم ڪمل، 1987ع
27. ‘گستاخي معاف’ [پنج ننڍا ناٽڪ]، گوبند مالهي، 1988ع
28. ‘هلندو هل’ [ناٽڪ]، آسودو لڇواڻي، 1988ع
29. ‘ڪاڪو ڪلومل’ [اصلوڪو طويل هڪ پاتري ناٽڪ: One Actor Play)، مدن جماڻي، 1990ع
30. ‘فريم ۾ مڙهيل شخص’ [ايڪانڪيون]، ايم. ڪمل، 1991ع
31. ‘اداڪاريءَ جو فن’، ميگهراج ڳُرناڻي، 1995ع
32. ‘سنڌوءَ جو سڳنڌ’ [ايڪانڪي]، گوبند مالهي، 1996ع
33. ‘کٽراڳ’ [اصلوڪو ٽه فصلو ناٽڪ]: هريڪانت، 1996ع
34. ‘مدن جماڻيءَ جا بهترين ناٽڪ’ [اسٽيج، ريڊيو، ٽي.وي، گهٽيءَ- پتڪڙا ۽ هڪ ڪلاڪار جا ناٽڪ]، مدن جماڻي، 1996ع
35. ‘منگهارام ملڪاڻيءَ جا چونڊ ننڍا ناٽڪ’: منگهارام ملڪاڻي، 1996ع
36. ‘ٽي ناٽڪَ’، ميگهراج گُرناڻي، 1997ع
37. ‘مون کان ناٽڪ نه ٿيندو’، ميگهراج گُرناڻي، 1998ع
38. ‘سنڌي ناٽڪ ’ [ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ، رنگ منچ جي چڪاس، اوسر ۽ سمالوچنا]، پريم پرڪاش، 1999ع
39. ‘سنڌو’ [ناٽڪَ]، سندري اُتمچنداڻي، 2000ع
40. مُڪتي [چار طويل ناٽڪ]، پريم پرڪاش، 2001ع
41. ترڪتال [ناٽڪ]، هريڪانت، 2001ع
42. ‘ڌرتيءَ جو سڏ ’ [ٽه فصلو ناٽڪ]، ڪيرت ٻاٻاڻي، 2004ع
43. ‘ڪوئا ڦاس’ [طويل ناٽڪ]، لکمي کلاڻي، 2007ع
44. ‘ڪردار’ (سنڌي ڪهاڻين جا ناٽڪ رو پانتر)، پريم پرڪاش، 2007ع
45. ‘آخرين سنڌي’ (ايڪانڪي ناٽڪن جو مجموعو)، ڄيٺو لالواڻي، 2009ع
46. ‘سنڌي ناٽڪ پرمپرا’، ڄيٺو لالواڻي، 2012ع
47. ‘پيريءَ ۾’ [8 ايڪانڪي ناٽڪ]: هوندراج بلواڻي، 2012ع
48. ‘اڇي رات ڪارو چنڊ’ [ٽي. وي ڊراما سيريز]، محمد علي پٺاڻ، 2016ع
49. ‘ميونسپل ڪائونسلر’ [ٽي ايڪانڪي ناٽڪ] ايم ڪمل (سال؟)
سنڌيءَ ۾ ناٽڪ جي فن ۽ تاريخ تي ڇپيل ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
1. ‘سنڌي ناٽڪ صدي’ [1880-1980ع]، مرتب: غلام رباني آگرو، 1980ع
2. ‘سنڌي ناٽڪ جي چونڊ تنقيد’ [مجموعو]، ايڊيٽر: پريم پرڪاش، 1980ع
3. ‘ناٽڪ: تبصرا’، مرتب: ڄيٺو لالواڻي، 1986ع
4. ‘سنڌي ناٽڪ جي تاريخ’، مـحمد يوسف پنهور، 1992ع
5. ‘سنڌي ناٽڪ ’ [ورهاڱي بعد سنڌي ناٽڪ، اوسر ۽ سمالوچندا]، پريم پرڪاش، 2004ع
6. ‘ننڍي کنڊ جي ڊرامي جي تاريخ’، غلام حيدر صديقي، 2008ع
7. ‘سنڌي ناٽڪ جي ارتقا’، پروفيسر سنڌيا چندر ڪُندناڻي، 2010ع
8. ‘ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي؟’، ايوب گاد، 2011ع
9. ‘سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ’، مختيار احمد ملاح، 2012ع
10. ‘راج ڪرتهه’، منظور ڪوهيار، 2013ع
11. ‘ڊرامون’ (تاريخ ۽ هيئت)، آغا ظفر، آڪٽوبر 2014ع


لفظ سنڌي ڊراموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو